خانپور مهر (ن پ ا) خانپورمھر ويجهو ماڪائي مائينر تي پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻي جو مڙھ ڪاٺ جي ڦُڙ (پل) تان گذاري قبرستان پهچايو ويو، وڊيو وائرل. خبر موجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ٿهريو ملڪ ۾ ماڪائي مائينر تي پل نه هجڻ ڪري ميت کي ڪاٺ جي ڦڙ (پل) تان گذاري قبرستان پهچائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي. فوت ٿيل پيرسن نور عالم ملڪ جو مڙھ وارثن ڪاٺ واري پل تان وڏي ڪوشش بعد ڪراس ڪرائي قبرستان تائين پهچايو. ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ٿهريو ملڪ ڀرسان وهندڙ ماڪائي مائينر تي پل نه هجڻ ڪري اڪثر فوتين جا مڙھ اهڙي ئي ڏکيائين سان گذاريا ويندا آهن. قبرستان ماڪائي مائينر جي ٻئي ڀر هجڻ ڪري ڪاٺي واري پل وسيلي ئي مڙھ گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته پل جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن پنهنجي پيارن جا مڙھ آساني سان قبرستان تائين پهچائي سگهون.