نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ جي شاھ صدرالدين جي بازرا مان ھڪ رات  ۾ نامعلوم چور دڪاندارن مختيار لاکير نصير پيرزادو شڪيل پيرزادو جنسار پيرزادو مولابخش آڳرو ۽ ٻين جون دڪان مٿان  رکيل 12 سولر پليٽون چوري ڪري ويا دڪاندارن نصيرالدين ويگھيو محمد حسين لاکير پرويز لاکير حضور بخش پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئون ڳوٺ ٿاڻي تي پھچي ايس ايڇ او سيد طفيل شاھ اڳيان دانھيو ته شاھ صدر تي ٻه پوليس اھلڪار رات جو ڊيوٽيون ڪن ٿا انھن جي نڪ ھيٺان سولر پليٽون چوري ڪيون ويون آھن اھي چورن سان ملوث آھن پھرين انھن جي انڪوائري ڪري اسان جون سولر پليٽون واپس ڪرايو جنهن تي ايس ايڇ او نئون ڳوٺ ٻنھي پوليس اھلڪارن رياض ڊکڻ ۽ علي رضا سومرو کي گھرائي پڇا ڳاڇا بعد  ڪواٽر گھاٽ ڪري کوجي ڪتو گھرايو جنھن کي جاء واردات کان چور جي پير جي مٽي سنگھائي ڇڏيو ويو جيڪو ڀرسان ڳوٺاڻي شبير پيرزادو جي ننگر خاني تي اچي ويھي رھيو پوليس بنا ڪنھن گرفتاري جي واپس ھلي وئي.