محبت هجي ته اهڙي! نوجوان گرل فرينڊ کي پاس ڪرائڻ لاءِ امتحان ڏيڻ پهچي ويو

0
331
محبت هجي ته اهڙي! نوجوان گرل فرينڊ کي پاس ڪرائڻ لاءِ امتحان ڏيڻ پهچي ويو
محبت هجي ته اهڙي! نوجوان گرل فرينڊ کي پاس ڪرائڻ لاءِ امتحان ڏيڻ پهچي ويو

امرتسر(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي پنجاب جي شهر فريدڪوٽ جي هڪ امتحاني مرڪز ۾ نوجوان جي پنهنجي گرل فرينڊ جو روپ اختيار ڪري امتحان ڏيڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي

اهو واقعو 7 جنوري تي پيش آيو جنهن ۾ انگريز سنگهه نالي ڇوڪرو پنهنجي دوست پرمجيت ڪور جهڙو لباس ۽ انداز اختيار ڪري امتحان ڏيڻ پهچي ويو

انگريز سنگهه کي پڪڙجڻ جي خبر نه هئي ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي پوري تياري ڪئي هئي پر امتحاني مرڪز تي عملي کيس پڪڙي ورتو ۽ پوليس کي شڪايت ڪري ڇڏي. هن فرضي ووٽر ۽ آڌار ڪارڊ به استعمال ڪيو پر پوليس کيس پڪڙي ورتو

بائيو ميٽرڪ سسٽم ۾ پڪڙجي پيو. کيس حراست ۾ وٺي شاگردياڻي خلاف به ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي