پيپلزپارٽي جو اڳواڻ عرفان گل مگسي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شامل

0
82

پيپلزپارٽي جو اڳواڻ عرفان گل مگسي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شامل ٿي ويو، ڪراچي ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين سان ملاقات بعد عرفان گل مگسي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

عرفان گل مگسي پاران حيدرآباد جي 4 تڪن تان ايم ڪيو ايم جي حمايت ۾ هٿ کڻڻ جو به اعلان  ڪيو ويو

مصطفيٰ ڪمال چيو ته 5 سالن لاءِ سنڌ اسان جي حوالي ڪيو، عوام جي ايڏي خدمت ڪنداسين جو لياري ۽ لاڙڪاڻي مان به مخالفن جون ضمانتون رد ٿي وينديون، سمورن خراب ماڻهن مان اسان سڀني کان گهٽ خراب ماڻهو آهيون