ڏهرڪي ۾ پرڻيل عورت جو تيز ڌار اوزار سان ڳلو ۽ نڪ ڪپيل لاش هٿ

0
74

ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي ۾ پرڻيل عورت جو تيز ڌار اوزار سان ڳلو ۽ نڪ ڪپيل لاش هٿ آيو آهي

 پوليس جو چوڻ آهي ته مقتوله بشيران جي مڙس کي جاچ لاءِ تحويل ۾ وٺي رهيا آهيون، عورت کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي

 مقتوله بشيران جي مڙس وزير شيخ جو چوڻ آهي ته 2 سال اڳ مون ۽ منهنجي زال مذهب مٽائي پرڻو ڪيو هو

 هڪ سال اڳ مان جوابدارن منظور شر ۽ قدير ڏهر خلاف بشيران سان زوري زنا جي ڪوشش جو ڪيس به داخل ڪرايو هو

 پوليس جو چوڻ آهي ته بشيران جو لاش 3 ڏينهن پراڻو لڳي ٿو، ذريعن موجب مڙس پاران زال کي قتل ڪرڻ جا علائقي ۾ چوٻول به آهن