وفاقي گهرو وزارت ججز خلاف گمراهه ڪندڙ مهم روڪڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ورتي

ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي جي سربراهي ۾ خصوصي جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،جي آءِ ٽي کي 4 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي

جي آءِ ٽي ۾ آءِ بي، آءِ ايس آءِ، اسلام آباد پوليس جي ڊي آءِ جي ۽ پي ٽي اي جا آفيسر شامل آهن

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جاچ ڪندي ته ڪهڙن سوشل ميڊيا اڪائونٽس وسيلي سپريم ڪورٽ جي ججز جي ڪردار ڪُشي ڪئي وئي، مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ تجويزون پيش ڪندي

 جي آءِ ٽي کي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي