ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران 22 مئي 2012ع تي ڪراچي ۾ نڪتل محبت سنڌ ريلي تي حملي ۾ مارجي ويل 14 ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاسي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سنڌياڻي تحريڪ جي نظير سمون، نصرت خاصخيلي، الطاف خاصخيلي، بابو ميمڻ، دلدار ابڙو، آصف چانڊيو، ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڌار صوبي جي مطالبي خلاف لياري ۾ 22 مئي 2012 تي اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ نڪتل محبت سنڌ ريلي مٿان اڻڄاتل دهشتگردن حملو ڪري غزالا بتول صديقي، اعجاز بلوچ، ستار انڙ، سرور بلوچ سميت 14 ڪارڪنن کي شهيد ڪيو هو.هنن چيو ته قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جا ٽڪرا ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏيندا، جڏهن ته سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪندڙن خلاف سندن احتجاج جاري رهندا،هنن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري کين سرخ سلام پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي.هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ ٺٽي طرفان ڌانڌاري شھر ۾ منور علي ڀٽو، ياسر جاکرو، شفيع ميمڻ، اشرف پليجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شھيد عبدالستار انڙ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي سلامي ڏني. ٻئي طرف مٺي ۾ وڪيل شاهنواز هنڱورجو، سبحان بجير، محمد نهڙي، دانش پرمار، سريش پرمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سجاد بروھي، ارصلاح بھلڪاڻي، سرمد جاگيراڻي، فدا محمداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. هوڏانهن باھوکوسو ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان ناصر ڪنراڻي، منٺار گھڃو ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.ٻئي طرف نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي منور جتوئي، اسد سنڌي، حفيظ تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ٻئي پاسي ڳڙهي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران 13 شهيدن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪيو ويو ۽ ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي.ميرپورخاص ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران 22 مئي 2012ع ۾ محبت سنڌ ريلي تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.موري ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران 22 مئي سانحي خلاف پارٽي آفيس کان مورو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.