پنوعاقل (ن پ ا ) پنو عاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد لقمان مھيسر محلا ۾ يتيم نينگر ڪاشف منگي کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو هو، پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ھو، جڏھن ته مک جوابدار ھن مھل تائين گرفتار نه ٿي سگهيو ھو ، نينگر سان بدفعلي واري مامري جو شڪارپور ۾ جتوئي هائوس تي ابراهيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ مبينا طور جرڳو ڪيو ويو آھي، ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار سلمان شيخ واري ڌر تي پنج لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن ته هڪ لک هرج خرچ پڻ رکيو ويو آھي جڏھن ته ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته هڪ لک رپيا جوابدار ڌر بدفعلي جو شڪار نينگر جي ڀاءُ حوالي ڪيا آھن ۽ پنجاه هزار رپيا معاف پڻ ڪيو ويو آھي ۽ بقايا ساڍا چار لک ٻن مهينن جي ٻن قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا، ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون آھن،نينگر جي ڀاءُ پاران موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو آھي، رابطو ڪرڻ تي بائجي پوليس ٻڌايو ته اسان کي جرڳي بابت ڪابه خبر ناهي، جڏھن ته نينگر ڪاشف منگي بدفعلي ڪيس ۾ بائجي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي، جنهن ۾ مک جوابدار سلمان شيخ نامزد ۽ روپوش آھي جڏھن ته ساڳئي ڪيس ۾ جوابدار جو ڀاءُ علي حيدر شيخ گرفتار ۽ چالان ٿيل آھي .