سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ ۾ سوشل ميڊيا تي شهرت ماڻيندڙ مولوي محمد نواز ملاح سيوهاڻي پاران پنهنجي والد ۽ گهر ڀاتين تي مبينا تشدد خلاف سندس والد غلام اڪبر ملاح ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي آهي جنهن بعد محمد نواز سيوھاڻي جي والد غلام اڪبر ملاح ڀاءُ شاهنواز ملاح ۽ چاچي محمد شريف پريس ڪلب سيوھڻ پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي نافرمان پٽ محمد نواز کي سوشل ميڊيا جي شهرت انڌو ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو والدين ۽ گھر ڀاتين سميت رت جي رشتن کي ڳوڙھا ھارڻ تي مجبور ڪري رهيو آھي. ھن چيو ته منهنجو پٽ سوشل ميڊيا تي شھرين ۽ مخلتف ڪاروباري ماڻھن اڳيان موبائل تي لائيو اچي انھن کي گھٽ وڌ ڳالھائي ۽ ڪريل لفظ ڳالهائي رهيو آھي جنهن ڪري ڪنھن وقت به ڪو خوني جهيڙو ٿي سگهي ٿو ، مون نافرمان پٽ کان 1995ع ۾ لاتعلقي ڪئي هئي پر هو مونکي بليڪ ميل ڪندو ٿو رھي ۽ سندس ذهني توازن درست ناهي جنھن ڪري هو گهر ڀاتين جي سامهون ڪپڙا لاهي ڇڏي ٿو ۽ گذريل ڏينھن به هو مون تي پنھنجي امڙ ۽ گھر ڀاتين مٿان تشدد ڪيو ۽ پنهنجي امڙ کي ڌمڪيون ڏنيون ته ھن سندس ساٿ نه ڏنو ته ھو کيس ماري ڇڏيندو. اھڙي صورتحال بعد مون نافرمان پٽ تي سيوھڻ ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آھي پر ايس ايڇ او سيوھڻ سندس گرفتاري کان لنوائي رھيو آھي. ھنن ايس ايس پي ڄامشورو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته هن کان موبائل وٺي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سندس کي چرين جي اسپتال ۾ موڪلي علاج ڪرايو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.