سيوهڻ: محمد نواز سيوھاڻي جي امڙ زينب ملاح چيو ته منھنجو مڙس منھنجي بيمار پٽ نواز مٿان الزام ھڻي رھيو آھي ۽ ھن مون کي 1995 ۾ سوني چين چوري ڪرڻ جو ڪوڙو الزام ھڻي طلاق ڏني ۽ ٻي شادي ڪئي ۽ ھاڻ منھنجي پٽ کي پريشان ڪري رھيو آھي جڏھن ته اسان جو سندس سان ڪو به واسطو نه آهي پر ان باوجود ھو ٿاڻن تي وڃي پٽ مٿان ڪيس داخل ڪرائي رھيو آھي جنهن ڪري اڳوڻي مڙس کي ھاڻي منهنجي ۽ پٽ نواز ملاح جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.