مسڻ وڏي(ن پ ا) مسڻ وڏي لڳ مبارڪ جروار ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ ٿي گذريو.  فائنل ميچ ۾ انقلاب اليون ٽاس کٽي پھريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بيگن جروار اسپورٽس پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 10اوورن ۾  3 وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنز جو هدف ڏنو جنھن ۾ نثار لغاري بھترين راند جو مظاھرو ڪندي87 رنز ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيو. سندس ساٿ ڏيندي فرحان علي عمراڻي 14 بالن تي 59 رنز ٺاھي  ناٽ آئوٽ رھيو. انقلاب اليون 8 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 10 اوورن ۾ 148 رنز ٺاھي سگھي، آصف ساند 47 رنز ٺاهي نمايان رهيو. نثار لغاري کي 4 وڪيٽون وٺڻ تي بھترين رانديگر قرار ڏنو ويو.