ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ پهرين ڇوڪرين جي جوڊو چئمپين شپ شروع ٿي وئي، پھرين ڏينھن مختلف يونيورسٽين جي مقابلن دوران 40 ڪلو جي ڪيٽيگري ۾  پنجاب يونيورسٽي جي ردا اشرف لاھور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي امه حبيبه کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، 44 ڪي جي ويٽ ڪيٽيگري ۾ لاھور گريزن يونيورسٽي جي ڪائنات، پنجاب يونيورسٽي لاھور جي جويريه شڪيل کي شڪست ڏئي پھرين پوزيشن ماڻيندي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، 48 ڪي جي ڪيٽيگري ۾ لاھور گريزن يونيورسٽي جي مھروز گل پھرين پوزيشن ماڻيندي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، اوپن ڪيٽيگري ۾ لاھور گريزن يونيورسٽي جي مونيشا علي پھرين پوزيشن ماڻي ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو.