ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي چيو آهي ته سرفراز احمد کي ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتاني تان هٽائڻ جو مشورو ڏنو هو. شاهد آفريدي نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سپر ليگ 8 شروع ٿيڻ کان اڳ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر مونسان مشورو ڪيو هو. شاهد آفريدي چيو ته مون هن کي اهو مشورو ڏنو هو ته سرفراز کي رانديگر طور کيڏايو ته جيئن اهو سٺو پرفارم ڪري سگهي، هن تي ٽيم بدران پنهنجي پرفارمنس جو پريشر هجي ۽ اهو پنهنجي گيم انجواءِ ڪري سگهي. شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل 8 ۾ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي لاڳيتو شڪست سبب ٽيم مينجمينٽ جي حڪمت عملي آهي. هر ٽيم ۾ بينچ تي اهڙو رانديگر موجود هئڻ گهرجي جيڪو ڪنهن رانديگر جي ٻاهر ٿيڻ تي هن جي جاءِ وٺي سگهي پر ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم ۾ اها حڪمت علي ڪٿي به نظر نٿي اچي. سرفراز جي ڪپتان طور پرفارمنس اهم آهي، ڪراچي ڪنگز جي ٽيم پرفارم نٿي ڪري پر ڪپتان عماد وسيم جي پرفارمنس نظر اچي رهي آهي.