سوال/سروي … ڪمند جو اگهه وڌڻ جو آبادگارن يا عام ماڻهو کي فائدو ٿيندو يا نقصان ؟ عوام جي راءِ ورهايل

0
183

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران ڪمند جي نئين فصل جو اگهه 450 رپيا في مڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان فيصلي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته ڪمند جو اگهه وڌڻ سان آبادگارن ۽ زميندارن کي فائدو ٿيندو ڪجهه وري مخالفت ڪندي چيو ته ان جو عوام کي نقصان ٿيندو، کنڊ مهانگي ٿيندي، شگر ملن کي فائدو ٿيندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور علي زرداري لکيو ته صرف آبادگارن کي فائدو آهي غريب ڏھاڙي ڪمائندڙ کي ڪو به فائدو ناهي سنڌ سرڪار سبسڊي ڏي ته غريب کي به فائدو پوي ۽ آبادگارن کي به، گل حسن شر لکيو ته ھر شئي مھانگي آھي زراعت سان لاڳاپيل شيون سستي ريٽ تي نه ٿيون کپائي سگھجن ڊي اي پي يوريا مھانگي آھي ٽريڪٽر به مھانگي اگھه تي زمين کيڙين ٿا ان لاءِ ھي بھتر فيصلو آھي،

                         سني خاصخيلي لکيو ته سنڌ حڪومت اگهه ته وڌائي ٿي پر ڇا ان تي عمل ٿئي ٿو اصل سوال ته اهو آهي عمل نٿو ٿئي سنڌ حڪومت کي اگهه وڌائڻ کان پوءِ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن آبادگارن کي انهن جو پورو حق ملي،

فقير امام بخش سڪندري لکيو ته فيصلو ته تمام بهترين آهي آبادگارن ۽ هارين کي فائدو آهي. پر انهي فيصلي تي عمل مشڪل ڪن، محمد حسين لکيو ته هنن کان اهو ئي ٿيندو باقي مڙئي خير عوام ڄاڻي عوام جا مسئلا هي رڳو سکڻا اعلان ڪندا هنن ته عملا ڪرائن، ڪمبير جوکيو لکيو ته هن فيصلي سان صرف وڏن زميندارن کي فائدو ٿيندو ڪمند مان ٺھندڙ شيون مانگهيون ٿينديون، مهراڻ خان بلوچ لکيو ته هن مهل اُهو ڪهڙو آبادگار آهي جنهن وٽ اڃا ڪمند هجي، منهنجي خيال ۾ ته ڪنهن وٽ به نه ھوندو…هن مهل ڪمند جي بجائي جيڪي فصل تيار آهن انهن جو سٺو ريٽ مقرر ڪري آبادگارن کي فائدو ڏين باقي هن وقت ڪمند جو ريٽ مقرر ڪري واپارين کي فائدو پيا ڏين…ڪمند جي آبادگارن کي فائدو ناهي…آڪاش پنھور لکيو ته بھترين فيصلو آھي زميندار ڪمائيندا پر ان سان گڏ کنڊ وغيره مھانگي ٿيندي اگر حڪمران تيل ڊيزل گھٽ ريٽ تي ڏين  ته ٻئي پاسو سٺو ڪم ٿئي، عبدالنبي شر لکيو ته قيمت ته سٺي آهي پر ان ٽائيم تائين ريٽ هجي شل،

محمد ميرڻ جکراڻي لکيو ته سٺي قيمت آھي شل نصيب ٿئي، سليم اختر لکيو ته لڳي ٿو کنڊ جو اگھه وڌائڻ لاءِ زميندارن کي لولي پاپ پيا ڏين  نه ته ھن مھل ڪمند جي نئين اگھه مقرر ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي، ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته صرف آبادگارن کي فائدو آهي غريب ڏھاڙي ڪمائيندڙ کي ڪو به فائدو ناهي سنڌ سرڪار سبسڊي ڏي ته غريب کي به فائدو پوي ۽ آبادگارن کي به اگر ائين ٿيو ته عوام کي ڪجهه فائدو ٿيندو، مراد علي لکيو ته سنڌ حڪومت ڪمند جو ريٽ 450 مقرر ته ڪيو آهي پر انهيَ تي عمل به مشڪل ٿئي وري به فائدو واپارين کي ٿيندو جيڪي ھن وقت کنڊ جو ريٽ وڌائيندا ۽ جيئن ڪڻڪ جو ريٽ مقررڪري اٽي جو ريٽ وڌايو ويو هو ھرپاسي غريبن کي دربدر ڪن ٿا، سراج علي لکيو ته هن مهل اُهو ڪهڙو آبادگار آهي جنهن وٽ اڃا ڪمند هجي، منهنجي خيال ۾ ته ڪنهن وٽ به نه ھوندو…هن مهل ڪمند جي بجائي جيڪي فصل تيار آهن انهن جو سٺو ريٽ مقرر ڪري آبادگارن کي فائدو ڏين باقي هن وقت ڪمند جو ريٽ مقرر ڪري واپارين کي فائدو پيا ڏين…ڪمند جي آبادگارن کي فائدو ناهي…

جاويد مريد نهڙيو به سروي ۾ حصو ورتو، شنڪر لال لکيو ته آبادگارن کي فائدو ملندو ھاري طبقو ته سدائين پريشان آهي.. قادر بخش زئور لکيو ته لڳي ڪونه ٿو، فاروق اڪبر لکيو ته اگر ائين ٿيو ته عوام کي ڪجھ رليف ملندو….! عرفان علي ملاح لکيو ته ڪڻڪ وانگر کنڊ مافيا کي فائدو پهچائڻ لاءِ چرٻٽ راجا انڌير نگري وارا فيصلا ڪيا ٿا وڃن، موهن لال لکيو ته نئين فصل جو اگهه 450 مقرر ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي جنهن سان زميندار توڙي هاري کي مالي فائدو ملندو، قربان علي ميراڻي لکيو ته آبادگارن کان ڪمند سستو خريد ڪري ھاڻي کنڊ مھانگي ڪندا ورنه ايندڙ سال لاءِ ھن وقت ريٽ مقرر ڪرڻ جي ڪھڙي ِضرورت ھئي، ظفر رند لکيو ته فيصلو ته تمام بهتري ٿيندو پر هن ٽائيم اگھه مقرر ڪرڻ کنڊ مافيا کي فائدي کانسواءِ ڪجھه به نه آھي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته صرف آبادگارن کي فائدو آهي غريب ڏھاڙي ڪمائيندڙ کي ڪو به فائدو ناهي سنڌ سرڪار سبسڊي ڏي ته غريب کي به فائدو پوي ۽ آبادگارن کي به اگر ائين ٿيو ته عوام کي ڪجه فائدو ٿيندو، خدا بخش ڪنڀر لکيو ته ريٽ وڌائڻ سان لڳي ٿو کنڊ جو ريٽ وڌائڻ آھي ڪمند جو ريٽ وڌائڻ سان لڳي ٿو ته حڪومت واري ڌر جو ڪمند گھڻو پوکيل آھي اھي پنھنجي مفاد لاءِ ھر ڪم ڪندا آھن، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته ھن فيصلي تي عمل جي سخت ضرورت آھي باقي اھڙيون ڳالھيون ٻار به ڪندا آھن،

سبحان سڪندر لکيو ته في ٻوري کنڊ جي هِن وقت 4300 مان وڌي 4600 پئي ملي رليف ته هن عوام کي ناھي هاڻي جنهن جو ڪمند فصل ھجي ته اُن کي ڪو فائدو پهچي، عبدالوهاب سمون به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالوهاب سمون به سروي ۾ حصو ورتو، ربنواز جوڻيجو لکيو ته پھرين ڳالهه ته اھو ريٽ ھينئر ڇو طئي پيو ٿئي ڇا شگر ملز ۾ ھن سال ڪمند گھٽ مليو يا ايندڙ سال گھٽ آبادگارن پاران ڪمند پوکائي جا خدشا آھن بهرحال ريٽ وڌڻ سان زميندار طبقو عارضي طور خوش ٿيندو ، پر وري انهيَ ريٽ مطابق مارڪيٽ مان کنڊ ۽ کنڊ مان ٺھندڙ شيون ٽيڻي اگھه ۾ خريد ڪندو ۽ جنهن وٽ زمين نه آھي انهن غريبن لاء ويتر پريشاني ۾ اضافو ٿيندو تازو ڪڻڪ جا سرڪاري سطح تي چار ھزار ريٽ مقرر ٿيو آھي ته ان حساب سان اٽي جو اگھه ڪٿي پھچندو غريبن کي مٽي کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي حڪومت جي ڪا به پاليسي نه آھي، خاموش خليل شر لکيو ته پر شل پنهنجن قيمتن تي قائم ۽ دائم هجن،

محمد فياض وساڻ لکيو ته صرف آبادگارن کي فائدو آهي غريب ڏھاڙي ڪمائيندڙ کي ڪو به فائدو ناهي. عبدالرحمان چانگ لکيو ته انڌا ٻوڙا گونگا حڪمران آهن انهن کي ڪير سمجهائي ته آبادگار ڪڻڪ جي پوکائي ڪرڻ لاءِ ڪمند آڳاٽو ڪٽي ڇڏيندا آھن هاڻ ڪو قسمتي ڪمند بيٺل آهي ته سرڪار اگهه وڌايو آهي ان جو مقصد کنڊ جو اگه وڌائڻ آھي، حاجي خان پنهور لکيو ته زميندارن کي اگهه اڳئي سال ملندو واهه جو انصاف آهي، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت جي فيصلن تي عملدرآمد ڪڏهن ٿيو آهي، سڀ ڪم هن جي وس جي ڳالهه ناهي، صرف نالي جي حڪومت آهي، پردي پويان ڊائريڪٽر ٻيو آهي جنهن جي اشاري تي هلندڙ آهي. ڪمند جي سيزن ختم ٿي وئي آهي هاڻي اگهه وڌائڻ سان ڪهڙو فرق پوندو، جيئن آبادگارن کي ڀاڻ ۽ ٻج جا پئسا ڏنا آهن ائين ئي ڪمند جي اگهه تي عمل ٿيندو. علي اڪبر بڪيرو لکيو ته ظلم آهي باقي سڀ خير، عبدالله کوسو لکيو ته سيزن پوري ٿي وئي، مهانگائي جو طوفان ايندو، وشال رٻاري لکيو ته ڪمند جو ريٽ وڌائڻ مان لڳي ٿو کنڊ جو اگهه به وڌائيندا هنيئر ڪمند جي پڇاڙي ۾ ريٽ وڌائڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندو سيزن جي هلندڙ فصلن جا ريٽ وڌائڻ بدران ڪيرائن پيا. سجاد ميراڻي لکيو ته هاڻي ڪمند باقي وڃي ڪجهه رهيو آهي سرڪار اگهه وڌائيندي ته جيئن کنڊ مهانگي وڪرو ڪئي وڃي،

نارائڻ داس لکيو ته ڪمند جي سيزن ته نڪري چڪي آھي ۽ھاڻي ريٽ جو اعلان ڳالھه سمجھه کان ٻاھر پر ان عمل ڪير ڪندو، منظور ڪنڀر لکيو ته سنڌ سرڪار رڳو اعلان ئي ڪري ٿي عمل الاهي ڪير ڪرائيندو؟، آدم پتافي لکيو ته سٺو فيصلو آهي، عوام مھانگائي سبب پيڙھجي ويو آهي ڪجھه رليف ملندو. جنيد زرين بلوچ لکيو ته پھريان سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگھه چار ھزار مڻ مقرر ڪيو آهي. ان تي عمل ڪرائي ته ڪوبه واپاري چار ھزارفي مڻ گھٽ خريد نه ڪري. ھينئر ڪمند جو اگهه مقرر ڪيو اٿن پر اھو اگھ غريب آباد گارن کي وٺي ڪير ڏيندو. ڇو ته ھر ھنڌ تي حڪومت جا ڪميشن خور موجود آهن، رميش ڪمار لکيو ته فيصلو ته سٺو آھي پر وقت کان پهرين ڪيل فيصلا ناڪام ٿي ويندا آھن، آصف علي چانڊيو لکيو ته اهو فيصلو هڪ مذاق جيان آهي، فائدو سرمائيندارن کي ٿيندو، خميسو خان مگسي به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالعزيز بلوچ لکيو ته اگھ وڌائڻ ۾ غريب ماڻهن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو ان ۾ وري به زميندار کي فائدو ٿيندو غريب ته اتي جو اتي اسان گورنمنٽ آف سنڌ کان گذارش آھي تي کاڌي پيتي جون شيون اٽو سستو ڪيو وڃي ته غريب سک جو ساھ کڻن، اسد زرداري لکيو ته اھو فيصلو تـ سمجھ کان ٻاھر آھي ڇو ته ڪمند جي سيزن ختم ٿي وئي آھي ۽ ھاڻي ريٽ جو اعلآن جو فائدو تـ ڪونھي ۽ ان فيصلي تي عمل تـ ڪو نه ٿيندو صرف عوام کي بيوقوف نڻايو پيو وڃي، نسيم سنڌي لکيو ته هن وقت ڪمند جو ريٽ مقرر ڪرڻ سان ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو … صرف کنڊ جي کوٽ پيدا ڪري ان کي بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جو پلان آهي، شاهد ڏاهري لکيو ته هاڻي ڪمند نڪري ويو ڪهڙو فائدو ٿيندو، عبدالڪريم کهڙو لکيو ته نسوري ٺڳي ايندڙ سال اليڪشن آھي ووٽ وٺڻ جي چالاڪي پيا ڪن پاسما وارا ملون ڪونه هلائيندا اها رڪاوٽ به پاڻ وجهرائيندا، ورٽ وڃي آبادگارن جوٽائيم وڃائيندا هڪ ڌڪ۾ ٻه شڪارکنڊ جواگهه هاڻي کان وڌائيندا ڪمند 270 تي خريد ڪري ڊبل ڪمائيندا، سيد حسن علي شاهه لکيو ته ڪمند ختم ٿي ويو هاڻي ڀلي هزار ڪري ڇڏين مل وارن کي فائدو آهي پيل کنڊ 200 روپيا ڪلو ڏيندا، نوڪرِ حسين لکيو ته مطلب ھاڻي کنڊ به 200 ڪراس ڪندي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اهو فيصلو بلڪل صحيح آهي پر ان تي فيصلو عمل ڪيو وڃي ته ٿيندو نه ته ڪونه ٿيندو.