ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وقار يونس چيو آهي ته شاهين شاهه آفريدي پشاور زلمي خلاف ميچ کان اڳ جيڪو مونکي چيو اهو ڪري ڏيکاريو. وقار يونس ٻڌايو ته ميچ کان اڳ منهنجي شاهين سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ هن چيو ته وقار ڀاءُ ڏسجو اڄ مان 5 وڪيٽون وٺندس. وقار يونس چيو ته شاهين پنهنجي لفظن تي قائم رهيو ۽ هن 5 وڪيٽون وٺي سچ ثابت ڪيا. هن چيو ته جيڪڏهن بابراعظم شاهين جي اهو بال نه کيڏيو سگهيو، ان جو مطلب آهي ته دنيا جو ڪوبه بيٽر شاهين جي ان بال کي منهن نٿو ڏئي سگهي.