مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور شھر جي شيخ پاڙي جي رھواسي ذوالفقار شيخ جي 4 ورهين جي نياڻي ڪُوئل شيخ ارڙي سبب فوت ٿي وئي، نينگري جي فوت ٿيڻ بعد سندن وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، ان حوالي سان شيخ برادري جي ماڻهن ٻڌايو ته ارڙي وگهي علائقي فوتي ٻارڙن جو انگ 9 ٿي ويو آهي پر صحت کاتي ڪي به قدم نه کنيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته علائقن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي ٻارڙن جو علاج ڪرايو وڃي.