حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ بااثر شخص جي شادي جي تقريب دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پڃاري ٿاڻي تي اي ايس آءِ حبيب الله ٻٻر جي فرياد تي بااثر شخص نظام الدين آرائين سميت 10 ڄڻن خلاف ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي، فائرنگ، آتشبازي ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي قلمن تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيلن ۾ شفيع الله ولد عبدالله ۽ سڪندر علي ولد ڀورو شامل آهن. پوليس بااثر شخص نظام الدين آرائين خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه آندي آهي. داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 27 مئي جي رات نوراني بستي جي علائقي رحمان ٽائون ۾ نظام الدين آرائين شادي جي تقريب منعقد ڪرائي جنهن ۾ آتشبازي سان گڏ هوائي فائرنگ به ڪئي وئي جڏهن ته گاڏين جي ڊگهي قطار لڳائي روڊ پڻ بلاڪ ڪيو ويو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نظام الدين آرائين جو ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ هڪ بااثر شخص سان تعلق آهي ان ڪري ابتدائي طور شادي ۾ ڪورونا جي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو ڪيس به داخل نه پئي ڪيو ويو پر بعد ۾ سوشل ميڊيا ذريعي پوليس تي تنقيد سبب اهو ڪيس داخل ڪيو ويو پر ان ڪيس ۾ شادي رچائيندڙ بااثر شخص بدران ٻن عام ماڻهن کي گرفتار ڪري خانه پوري جي ڪوشش ڪئي وئي. ذريعن جي اها به دعويٰ آهي ته شادي جي ڄڃ کي پوليس جو پروٽوڪول به حاصل ٿيل هو.