ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي پير ڪالوني ۾ شيٽرنگ جو ڪم ڪندڙ پورهيت جاويد جي گهر ۾ پوليس اهلڪار زاهد مئيو پهنجي ساٿين سان مبينا گهر ۾ داخل ٿي گهر جي ڀاتين کي مارڪٽ ڪئي ۽ 11 ورهين جي معصوم نياڻي جي سامهون پنهنجي شلوار لاهي نازيبا الفاظ ڳالهايا ۽ عورتن جا ڪپڙا ڦاڙي انهن کي وارن کان جهلي گهٽي ۾ گهليو، جڏهن ته پورهيت جاويد مٿان موٽر سائيڪل چاڙهي کيس زخمي ڪيو ۽ مارڪٽ ڪئي پورهيت جي گهر ڀاتين ۽ نينگري جي رڙين تي پاڙي وارن وچ ۾ پي پوليس اهلڪار ۽ سندس ساٿين کان کيس ڇڏايو. پورهيت جاويد لڙڪ لاڙيندي صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار زاهد مئيو ڪافي ڏينهن کان تنگ ڪري رهيو آهي، گهر جي گهٽي کان ٿورو ٻاهر نڪتل باٿروم جو بهانو بڻائي گاريون ڏيندو هو، جنهن جي دانهن مون ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏني جنهن تي مڇرجي هو پهنجي ساٿين سان گڏجي منهنجي گهر ۾ داخل ٿي گهر جي عورتن کي وارن مان جهلي گهر کان ٻاهر ڪڍي انهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا. منهنجي مٿان موٽر سائيڪل چاڙهي سخت مارڪٽ ڪئي ۽ منهنجي 11 ورهين جي نياڻي جي سامهون پوليس اهلڪار پهنجي شلوار لاهي نازيبا الفاظ ڳالهايا. اسان جي رڙين تي پاڙي وارن وچ ۾ پئي اسانجي جان بچائي. ان واقعي جا اسانجي پاڙي وارا به شاهد آهن. هن چيو ته آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان مون غريب سان انصاف ڪندي منهنجو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار زاهد مئيو چيو ته جاويد شاھ گهٽي ۾ وڌائي باٿروم ٺاهيو، جنهن تي اسان سميت ٻين ماڻهن اعتراض ڪيو ته هنن کي ڪاوڙ اچي وئي جنهن جي ڪري هنن مون مٿان ڪوڙا الزام هنيا آهن.