ملير (رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران 6 جون تي بحريا ٽائون جي مک گيٽ آڏو لڳندڙ ڌرڻي جي سلسلي ۾ عوامي رابطا مهم تيز ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ ملير جي فيض محمد گبول ڳوٺ، موريا فقير، ڪمال خان جوکيو ڳوٺ، شهيد مخدوم بلاول سميت مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري عوام کي شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو ته بحريا ٽائون جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن کي دائمي طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اهڙي سازش ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت برابر جي شريڪ آهي. سنڌ جو عوام ترقيءَ جي نالي ۾ پنهنجي وطن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪونه ڪندو. ان موقعي تي اعجاز سامٽيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، مخدوم شمس ، منير نائچ، ڊاڪٽر علي نواز گبول ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هوڏانهن سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس 6 جون تي بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران اعلانيل ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو آهي. ڌرڻي ۾ شرڪت لاء 4 ڪاميٽيون پڻ قائم ڪيون ويون، جيڪي ڳوٺن ۽ مختلف علائقن جا دورا ڪري ڌرتي ڌڻين کي شرڪت جو سڏ ڏينديون، گذريل ڏينهن يوسف مستي خان جي صدارت هيٺ ميمڻ ڳوٺ ۾ ٿيل اجلاس ۾ سيد خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي، حفيظ بلوچ، حنيف دلمراد، علي مستوئي، جمن حمائتي، امداد چاچڙ، غلام رسول بلوچ، خالق جوڻيجي، يونس خاصخيلي، نواز جوکئي، جانب خاصخيلي، انور ميمڻ، اڪبر گبول، ايڊوڪيٽ ابوبڪر ميمڻ، سامي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 23 مئي تي انڊيجينس رائٽس الائنس پاران بحريا ٽائون جي متاثر ڳوٺن ۾ ٿيل تاريخي آل پارٽيز ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ 6 جون 2021 تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان اعلانيل ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو، ڌرڻي ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ سيد خدا ڏنو شاهه، حنيف دلمراد، حفيظ بلوچ ۽ عبدالخالق جوڻيجو جي سربراهي ۾ رابطا ڪاميٽيون جوڙيون ويون، جيڪي مختلف ڳوٺن، علائقن ۽ شھرن ۾ رابطا ڪري بحرياٽائون جي ڌرڻي ۾ شرڪت لا۽ رابطا ڪنديون. ان موقعي تي اڳواڻن اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو وطن دوست ماڻھن جي جدوجهد بهتر نتيجا ڏنا آھن ۽ ھاڻ سموري سنڌ جاڳي پئي آھي.