ماڌوري ڊڪشت به ”هيرا منڊي“ ۾ جلوا ڏيکاريندي

0
464
ماڌوري جي ويب سيريز

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ماڌوري ڊڪشت به سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ”هيرا منڊي“ ۾ فن جو مظاهرو ڪندي.ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جو ناليوارو هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي پاڪستاني صوبي پنجاب جي تخت گاهه لاهور جي ماضي جي حالتن تي ”هيرا منڊي“ نالي فلم ٺاهي رهيو آهي، فلم ۾ لاهور جي ”هيرا منڊي“ ۾ ٿيندڙ جسم فروشي جي ڪاروبار کي ڏيکاريو ويندو.فلم ۾ هڪ گاني لاءِ سنجي ليلا ڀنسالي من موهڻي اداڪارا ماڌوري ڊڪشت جي چونڊ ڪئي آهي، هوءَ 19 ورهين کانپوءِ سنجي ليلا ڀنسالي سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندي.ان کان اڳ چيو پئي ويو ته فلم ۾ ڪم لاءِ هدايتڪار جون ايشوريا راءِ، وديا بالن، منيشا ڪوئرالا ۽ پرينيتي چوپڙا سان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر مک ڪردار لاءِ سوناڪشي سنها ۽ هما قريشي جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ماڌوري ڊڪشت مختصر ڪردار ۾ نظر ايندي.