نيلم منير مذهبي شخصيت آهي: حنا الطاف

0
1453

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا حنا الطاف چيو آهي ته نيلم منير مذهبي شخصيت آهي. حنا الطاف مڙس آغا علي سان گڏ خانگي چينل جي ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿي، ان موقعي تي هن ڪيترن ئي سوالن جا جواب پڻ ڏنا، ميزبان پاران نيلم منير بابت پڇيل سوال تي هن وراڻيو ته تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته نيلم منير مذهبي شخصيت آهي ۽ هو رمضان ۾ شوبز انڊسٽري کان پري رهندي آهي. هن چيو ته ان کان علاوا به سمورن مذهبي ڏهاڙن جو احترام ڪندي آهي.هن چيو ته نيلم منير جو مذهب ڏانهن لاڙو سندس والدين کان مليل آهي ڇاڪاڻ ته سندس گهر ۾ پڻ اهڙو ئي ماحول آهي. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته آغا علي سان سندس تعلق گهڻو پراڻو نه هو بس اسين ملياسين ۽ هڪ ٻئي کي پسند ڪري ورتو. هن چيو ته آغا علي انتهائي زبردست انسان آهي هو ڪنهن به ڳالهه تي ناراض نه ٿيندو آهي، جيڪڏهن جو مسئلو ٿيندو به آهي ته سنجيدگي سان حل ڪري وٺندا آهيون.