حيدرآباد ڀرسان اڻڄاتل ڪار سوارن هٿان نوجوان مبينا کنڀجي ويو

0
351

حيدرآباد(ن پ ا) حيدرآباد ڀرسان بهاول زئونر واري علائقي مان نوجوان مبينا کنڀجي ويو، وارثن جو الزام آهي ته پٻڻ ٿاڻي جي حد مان ڪار ۾ سوار اڻ ڄاتل ماڻهن 20 سالن جي نوجوان ظفر علي جهانجهڻجو کي کنڀي ويا،وارثن موجب نوجوان پنهنجي دوست فهيم ڪنڀار سان گڏ بهاول زئونر ۾ پئٽرول پمپ تان پئٽرول ڀرائي نڪتو ته رستي ۾ ڪار ۾ سوار ماڻهن کيس روڪيو ۽ موٽرسائيڪل تان لاهي زبردستي ڪار ۾ ويهاري کنڀي ويا آهن، 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس متاثر ماڻهن وٽ نه پهتي ۽ نه ئي نوجوان جي ڳولا شروع ڪئي آهي.