راولپنڊي (م ڊ) ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور ڪمانڊر ڪور 12 ڪوئيٽا مقرر ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور کي ڪمانڊر ڪور 12 ڪوئيٽا مقرر ڪيو ويو آهي.ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور کي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿي ويو هو. جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور ساڍا 3 سال ڊي جي آءِ ايس پي آر به رهيو، جنرل آصف غفور سيپٽمبر 1988 ۾ پي ايم اي مان پاس آئوٽ ٿيو هو، هن بطور ميجر ڪارگل جي جنگ ۾ به حصو ورتو هو، نومبر 2020ع ۾ ٿري اسٽار عهدي تي ترقي ماڻي هئي، 2020ع ۾ جي او سي اوڪاڙا مقرر ٿيو هو، آصف غفور آءِ جي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايچ ڪيو هو.