ڪراچي/ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي برسات متاثرن جي امداد جي نگراني ڪندي هيلي ڪاپٽر جي حادثي ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ ٻين آفيسرن جا مڙهه فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. شهيد ليفٽيننٽ جنرل سرفراز جي راولپنڊي جي ايچ ڪيو ۾ نماز جنازا ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪوئيٽا ۾ به جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ٻن شهيدن جا مڙهه ملتان پهچايا ويا. جتي اهي فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. سندن وارثن کي وردي ۽ ٽوپي ڏني وئي. فوجي جٿن کين سلامي پيش ڪئي.