باقراڻي (ن پ ا) بلوچستان جي لسٻيلا ڀرسان پاڪ فوج جي ھيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي ۾ شھيد ٿيل ھيليڪاپٽر جي پائليٽ ميجر سعيد احمد تنيو جو مڙھ رات دير سان باقراڻي ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ سجاول تنيو آندو ويو، جتي شھيد جي نماز جنازا ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پنو عاقل ڇانوڻي مان برگيڊيئر اويس توقير، ليفٽيننٽ ڪرنل محمد عمر، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ ۽ شھيد جي وارثن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن بعد فوجي دستي پاران شھيد پائليٽ ميجر سعيد احمد تنيو جي مڙھ کي سلامي ڏئي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،شهيد ميجر سعيد احمد تنيو جي والد نواب تنيو، ڀائرن قربان تنيو ، پروفيسر علي ڏنو تنيو، ايئر فورس آفيسر امير تنيو سميت ٻين پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، شھيد جي ايثال ثواب لاءِ دعا خير گهري. ان موقعي تي شھيد جي پيرسن والد نواب علي تنيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منهنجو پٽ  ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي شھيد ٿي ويو، جنهن تي مونکي  فخر آهي.