لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 13 جماعتن تي ٻڌل حڪومتي ٽولي ڪجهه مهينن ۾ معيشت تباهه ڪري ڇڏي، مهانگائي آسمان کي ڇُهي رهي آهي، معيشت سنڀالڻ جا دعويدار اڄ پاڻ غيرن جي پيرن ۾ ڪِريل آهن. پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته لشڪر سميت جنيوا وڃي پِنندڙ کي لڄ به نٿي ٿئي، نااهل ۽ نالائق ٽولو جنيوا مان به هٿين خالي موٽندو، اڄ معيشت نه سنڀالي وئي ته سڀاڻي ان جو نقصان رياست کي ٿيندو، اقتدار جي حوس ۾ انڌن حڪمرانن مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ملڪ تي مڙهيل بي حس ٽولي غريب عوام جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي، اهي مسئلن جي حل بدران اين آر او ذريعي پاڻ کي ڪليئر ڪرائڻ ۾ لڳل آهن، پنجاب حڪومت جي ڊائريڪشن هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.