جنيوا(م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيني هم منصب کي فون ڪري عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري چيني هم منصب ڪن گينگ سان فون تي رابطو ڪيو ۽ پرڏيهي وزر بڻجڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چيم هر موسم جا ڀائيوار ۽ دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل حمايت ۽ سهڪار جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، ٻنهي گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي. آل ويڌر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي عزم کي ورجايو. بلاول جنيوا واري ڪانفرنس ۾ چين جي فعال شرڪت ۽ حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ٻوڏ بعد نئين سر تعمير لاءِ چين جي فراخدلاڻي ۽ بروقت امداد پاڪستان جي لکين ماڻهن کي سڪون ڏنو. چين جي حمايت عالمي سهڪار جو روشن مثال آهي. بلاول چين جي نئين قمري سال تي چيني هم منصب کي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ پرجوش مبارڪون ڏنيون.