جنيوا ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي بحاليءَ جو ڪاٿو 30 ارب ڊالرز کان وڌيڪ آهي ۽ پاڪستان کي فوري طور نئين سر اڏاوت ۽ بحالي لاءِ 16 ڏهائي ٽي بلين ڊالرز جي ضرورت آهي. پاڪستان جي سربراهيءَ هيٺ سوئيٽزر لينڊ جي شهر جينيوا ۾ موسمياتي تباهڪارين سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي ۽ مدد لاءِ ڪانفرنس ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ ٻوڏ لکين ماڻهن جي زندگي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏي آهي، اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون. هن چيو ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ يو اين سيڪريٽري جنرل سان گڏ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جو دورو ڪيو، پاڪستاني عوام انتونيو گوتريس جي سهڪار کي سدائين ياد رکندو، ڏُکي ويل ۾ عالمي برادري جي سهڪار تي به ٿورائتو آهيان. سندس چوڻ هوته ٻوڏ سبب آبادگارن، هارين کي سخت نقصان رسيو جنهن سبب خوراڪ جي کوٽ ڪر کنيو آهي، نئين سر اڏاوت سان گڏوگڏ ملڪي معيشت جي بحالي اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي، ٻوڏ سبب نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي جيڪو پاڪستان جي جي ڊي پي جو اٺ سيڪڙو آهي. هن چيو ته پاڪستان آيل تازي ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، انفرااسٽرڪچر جي تباهي سبب معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. شهباز شريف چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيئي علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي، اسان کي ٻوڏ متاثرن کي ٻيهر بحال ڪري سٺو مستقبل ڏيڻو آهي ۽ انهن جي بحالي لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو آهي، فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ لاءِ 16 ڏهائي ٽي بلين ڊالرز جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عالمي برادري9 ارب 8 ڪروڙ  ڊالر، 9 ڪروڙ 30 لک يورو  جي امداد جو اعلان ڪيو. اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته  اسلامي ترقياتي بينڪ 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر ٽن سالن ۾ ادا ڪندي. عالمي بئنڪ 2 ارب ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته سعودي عرب هڪ ارب ڊالر، ايشيائي ترقياتي بينڪ هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر، يورپي يونين 9 ڪروڙ 30 لک ڊالر، چين 10 ڪروڙ ڊالر، جاپان 7 ڪروڙ 70 لک ڊالر، يو ايس ايڊ 10 ڪروڙ ڊالر، فرانس 1 ڪروڙ  ڊالر، جرمني 8 ڪروڙ 40 لک يورو ۽ برطانيا 90 لک يورو امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گذريل سال تباهي مچائيندڙ ٻوڏ آئي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تباهڪارين جو ڪاٿو تمام وڏو آهي جڏهن ته  ٻوڏ سبب ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ کي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر اڃا تائين ڪيئي علائقا پاڻي هيٺ آهن، ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ نئين سر اڏاوت لاءِ ڪم جاري آهن. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس جو چوڻ هو ته مون پاڻ پاڪستان وڃي ٻوڏ متاثر علائقن جو دوور ڪيو، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي نئين سر جوڙ جڪ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جو حال ڏسي دل ٽٽي پئي پر ڏُکين حالتن ۾ به پاڪستاني عوام جو جذبو ڏسي حيران ٿي  ويو هيس. هن چيو ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به ناهي انڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪستان هرگز نٿو ٿي سگهي، ڪانفرنس هن ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهنکي سڀني کي گڏجي طي ڪرڻو آهي.فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جو چوڻ هو ته فرانسيسي عوام ۽ حڪومت طرفان پاڪستاني عوام سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، پاڪستاني عوام بهادري سان ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين جو مقابلو ڪيو. فرانسيسي صدر چيو ته فرانس پاڪستان جي سپورٽ لاءِ ڏهه ملين ڊالر ڏيندو، اسان مالياتي ادارن سان ڳالهين ۾ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ چاهينداسين، فرانس پاڪستان کي ضرورت پٽاندڙ مهارت ۽ مالي امداد فراهم ڪندو رهندو.ترڪيا جي صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ جو منهن ڏسڻو پيو، ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني سرڪار ۽ عوام سان گڏ بيٺا آهيون. رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته پراميد آهيون ته ڪانفرنس ذريعي پاڪستان کي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جي ازالي لاءِ مالي مدد ملندي.