لاھور: رڪشا ڊرائيور ۽ سندس ساٿي جي عورت ۽ ڌيءَ سان مبينا زيادتي

0
145
ڇوڪريءَ سان زيادتي

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور ۾ عورتن سان زيادتي جا واقعا رُڪجي نه سگهيا، ميلسي کان لاهور ويندڙ عورت ۽ سندس ڌيءُ سان رڪشا ڊرائيور ۽ سندس ساٿي جي مبينا زيادتي، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر عورت ڌيءُ سان گڏ ٺوڪر نياز بيگ تي بس مان لٿي، جنهن بعد هُن ڀيڻ جي گهر وڃڻ لاءِ ڀاڙي تي رڪشو بُڪ ڪرايو، رڪشا ڊرائيور ۽ سندس ساٿي ويران علائقي ۾ ماءُ ڌيءُ کي زيادتي جو نشانو بڻايو، ڊرائيور جي ساٿي جي ڳولا جاري.