اوٽاهه (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا جي قدرت جا ڪيترائي پراسرار نمونا آهن، جن مان يوٽاهه جو هڪ قدرتي چشمو به آهي، جيڪو 15 منٽ وهڻ کانپوءِ 15 منٽن لاءِ بيهي وڃي ٿو ۽ ٻيهر 15 منٽن تائين وڌندو رهي ٿو، ڄڻ اهو سلسلو هلندو ئي رهي ٿو. آبشار جهڙي چشمو وائيومنگ جي ايفٽن ٽائون جي اوڀر ۾ آهي، جنهن کي ساهه کڻندڙ آبشار يا مدي وارو چشمو چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهڙا چشما ٻين ملڪن ۾ به آهن، پر سوفئٽ ڪريڪ نالي غار ۾ موجود اهو چشمو دنيا جو سڀ کان وڏو چشمو به آهي. خشڪي وقت ان مان هڪ ڦڙو به نٿو وهي ۽ جڏهن 15 منٽن کانپوءِ وسڪارو شروع ٿئي ٿو ته ڪو ان جي سامهون بيهي به نٿو سگھي. ان جو سبب ته معلوم نه ٿي سگھيو آهي پر ارضيات جي ماهرن ان جو سبب سائنسي ٻڌايو آهي، جيڪو سمجھه جوڳو لڳي ٿو. سائسندانن موجب چشمي جو سبب سائفن افڪيٽ آهي. سائفن ان ايجاد کي چوندا آهن، جنهن ۾ ٿي رکيل ٿانو تي رٻڙ جو نلڪو لڳائي ان جو ٻيو ڇيڙو هيٺ ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح هوا جي دٻاءُ جي ڪري پاڻي هيٺ وهڻ لڳندو آهي ساڳي طرح چشمو به ڪم ڪري ٿو. هن چشمي ۾ به ائين آهي، ان جي سوڙهين نالين مان پاڻي هيٺ ٽانڪي جهڙي بناوٽ مان نڪري مٿي اچي ٿو ۽ هيٺ سائفن جهڙي ٽانڪي واري بناوٽ ۾ موجود پاڻي هڪ خاص سطح تي اچڻ بعد ان جو دٻاءُ گھتجي ٿو ته پاڻي بيهي وڃي ٿو.