واشنگٽن (انٽرسٽنگ نيوز) گذريل ٻن سالن کان اسين ڪورنا جي بي يقيني وارين افواهن ۾ جي رهيا آهيون، پر هاڻي بيزار به ٿي چڪا آهيون. ان جو فائدو کڻندي ٽاڪ ٽاڪ تي جادوگرڻين، نجومين ۽ ٻين ڪم ڪندڙ مرد ۽ عورتون تيزي سان مقبول ٿي رهيون آهن. هاڻي اهي ماڻهو لکين رپيا ڪمائين ٿا، ڇو جو انهن تي ڌيان ڌريندڙن جو تعداد به لکن ۾ آهي. ماڻهو اڻ ڏٺل مستبقل کي جاچڻ لاءِ انهن ماڻهن سان رابطو ڪري رهيا آهن. بي يقيني ۾ وڪوڙيل پرتجسس ماڻهو ٽاڪ ٽاڪ پرٽيروٽ ڪارڊ تان احوال ٻڌائيندڙن، وڻن جي پنن تي خواهشون لکي ساڙيندڙن، نجومين، ڪرسٽل سان علاج ڪندڙن ۽ ٻين ماڻهن پاران رابطو ڪيو پيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ڪجھه ماڻهو ٽڪ ٽاڪ کي جادوگرڻي ٽاڪ ۽ ايسٽرولاجي ٽاڪ به چئي رهيا آهن. انهن مان هڪ ڪيمي ماني آهي، جيڪو ارتعاشي چمٽو (فورڪ) کي استعمال ڪندو آهي. ان جا فالوورز 50 هزار کان وڌيڪ 3 لک ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح نجوم جي ماهر جيڊ سائڪس چوي ٿي ته ڪووڊ 19 وبا کان پوءِ ان جي سبسڪرائبرز جو انگ 5000 تائين وڌيو آهي. هزارين ماڻهن جا زائچه ٺاهي چڪي آهيان ۽ هاڻي اها حالت آهي جو جنوري 2022 تائين مون وٽ ڪا اپائنمينٽ ناهي رهي. نجومي ويب اسٽار به ڪافي مقبول ٿي رهي آهي، جنهن کي هيل تائين 2 ڪروڙ ماڻهو ڊائون لوڊ ڪري چڪا آهن. صحت ڏيندڙ ڪرسٽل ۽ محبت وڌائيندڙ ميڻ بتيون به ڌڙاڌڙ وڪامي رهيون آهن. ان لاڙي تي نيويارڪ يونيورسٽي ۾ نفيسات جي پروفيسر جيمز الڪوڪ چوي ٿو جڏهن به انسان تي غير يقيني صورتحال آئي ان هٿ ٺوڪي رحانيت ۽ نجوم وغيره ۾ دلچسپي ورتي آهي.