لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) 12 ورهين جو برطانوي ٻار ايشٽن فشر هڪ تمام ئي ناياب ۽ عجيب غريب بيماري جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن ڪري کيس کاڌي پيتي کان ڊپ رهي ٿو ۽ صرف ميون جي جزن وارو ڌئنرو ۽ هڪ خاص برانڊ جي ڊبل روٽي ئي کائيندو آهي. ايشٽن جي اها ڪيفيت گذريل ڏهن سالن کان برقرار آهي، جنهن نه سندس والدين ۽ استادن کي پر دوستن کي به پريشان ڪري ڇڏيو آهي. شروع شروع ۾ ايشٽن جي والدين سمجھيو ته ه وبه ٻين ٻارن جيان کاڌي ۾ “نخرا” ڏيکاري رهيو آهي، پر سمورين ڪوششن باوجود ايشٽن جي حالت بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيندي وئي. هو علاج لاءِ کيس عام ڊاڪٽرن کي ئي ڏيکاريندا رهيا، جيڪي اهو مسئلو سمجھي ئي نه سگھيا. وقت گذرڻ سان گڏ گڏ حالت اها ٿي وئي جو ايشٽن کي کاڌو پچائڻ جي خوشبو کان به ڊپ ٿيڻ لڳو، ان ڪري هن گھر وارن سان گڏ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو ۽ سڀ کان الڳ پنهنجي لاءِ آندل خاص ڊبل روٽي ۽ ڌونئرو کائي گذارو ڪرڻ لڳو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ به سندس حالت اها رهي ۽ هن پنهنجي دوستن سان ڪڏهن ڪجھه نه کاڌو. نتيجي ۾ هو اسڪول ۾ ڪي خاص دوست به نه ڍاهي سگھيو. ايشٽن جي بيماري جو انڪشاف گذريل مهيني اتفاق سان ان وقت ٿيو، جڏهن غذائي مسئلن جي خاص ماهر پهريون ڀيرو سندس معائنو ڪيو. هو ٿوري ئي دير ۾ سمجھي ويو ته هي ٻار هڪ نفسياتي بيماري جو شڪار آهي، جنهن جا مريض ڪجھه شين کان سواءِ ٻيو ڪجھه به کائڻ کان ڊڄندا آهن. اهو نفسياتي مسئلو “غذا جو خوف” (فوڊ فوبيا) جو ئي هڪ قسم آهي. ايشٽن جو علاج شروع ڪيو ويو آهي ۽ سندس طبيعت بهر ٿي وئي آهي، هاني هو آهستي آهستي سينڊوچز، چپس، روسٽ ۽ چڪن وغيره به ٿوري مقدار ۾ کائي وڃي ٿو.