بيجنگ (انٽرسٽنگ نيوز) چين جي وچين صوبي هينان ۾ دنيا جي سڪا گھڙڻ جي سڀ کان قديم ورڪشاپ دريافت ٿي آهي. چيني قديم آثارن جي ماهرن تصديق ڪئي آهي ته ريڊيو ڪاربن ڊيٽنگ جو استعمال ڪندي هينان جي صوبائي راڄڌاني زينگ زو جي الهندي حصي شنگ يانگ سٽي ۾ گو آنزهو آنگ جي کنڊرن مان پتل کي پگھرائي ٿانو ٺاهيندڙ ورڪشاپ دريافت ڪئي وئي آهي. اها ورڪ شاپ پنج سئو پنجاهه سال قبل مسيح کان 6 سئو چاليهه قبل مسيح ۾ ڌات جا معياري سڪا ٺاهڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي. تحقيق مان خبر پئي ته اها دنيا جي سڪا ٺاهيندڙ هيل تائين جي قديم ترين ورڪشاپ لڳي ٿي. چيني ماهرن موجب وڌيڪ کوٽائي دوران سڪن جي تياري بابت چئن قسمن جا آثار مليا آهن، جن ۾ تيار ٿيل سڪا، استعمال ٿيل ۽ غير استعمال ٿيل سڪن جي سانچن سان گڏ ٻاهريان سانچا به شامل آهن. کوٽائي دوران ماهرن ڪيترائي کڏا به دريافت ڪيا آهن، جتي وڏي مقدار ۾ پتل جا ٿانو ٺاهن دوران بچي ويل فضلي کي پوريو ويو هو. هڪ کڏي ۾ ٻه تيار ڪيل ڌات جا سڪا به مليا آهن.