لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) برطانوي ڪورئير ڪمپني جي اهلڪار شهري پاران اماڻيل تحفي جو دٻو کوليندي ئي دنگ رهجي ويو. ماڻهو هاڻي ڏوراهن علائن ۾ موجود مائٽن کي ڪورئير ذريعي ئي تحفا اماڻيندا آهن پر ايئڻ شايد ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿيندو آهي ته جيئن تحفو اماڻيو ويو هجي اهي ان کي وصول ڪرڻ ئي نه اچن. برطانيا ۾ اهڙو ئي واقعو پيش آيو آهي، جتي ڪيترن ئي مهينن کان تحفي جو دٻو ڪوريئر ڪمپني جي آفيس ۾ ئي پيو رهيو، ان کي وصول ڪرڻ ڪير نه آيو، جنهن کانپوءِ عملي باڪس کي کولي ڏسڻ جو فيصلو ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب عملي جڏهن دٻو کوليو ته اهو ڏسي دنگ رهجي ويا ته ان م سوين ڪيڙيون موجود هيون ۽ سڀ جون سڀ جيئريون هيون. دٻي کي چڱي طرح پيڪ ڪري اماڻيو ويو هو ۽ دٻي جي مٿان لکيل ليبل ٻڌائي رهيو هو ته اهو دٻو جنوري ۾ اماڻيو ويو هو. ان دٻي ۾ اڍائي سو کن ڪيوليون (ڪيڙيون) موجود هيون، جن کي ٽشو ۾ ڪو سليوشن لڳائي ڪيترين ئي بوتلن ۾ پيڪ ڪيو ويو هو. برٽيش ويٽ ايسوسيئين سان واڳيل اسمٿ جو چوڻ هو ته ٿي سگھي ٿو ته انهن ڪيڙين کي فارمگ لاءِ ڪنهن اماڻيو هجي، في الحال بچيل ڪيڙين کي ولٽشائر جي لانگيسٽ سفاري پارڪ حوالي ڪيو ويو آهي.