مانجھند (ن پ ا) لاکڙا ڪول فيلڊ جي 17 ڪمپنين جون ليزون رد ٿي ويون آهن ۽ اتي ڪم بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري 20 هزار مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ مانجهند تعلقي جي لاکڙا ڪول فيلڊ جي انڊس ڪول مائيننگ ڪمپني، حبيب الله ڪول ، الامين ڪول، انڊس ڪول ، راڄڙ ڪول، سڪينا ڪول ڪمپنين سميت 17 ڪمپنين جي گڏيل طور ستر هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي ليز ختم ٿيڻ سبب علائقي ۽ پوري ملڪ جا 20 هزار کان وڌيڪ پورهيت بيلچي مزدور ميٽ ڪولهي، چوڪيدار، جمعدار، مشين آپريٽر، ڊرائيور، سرويئر، انجنيئر، مائين سردار بي روزگار ٿي ويا آهن ۽ ڪم جو انتظار ڪري ڪري ڪري آخر گهرن ڏانهن موٽي ويا آهن. بيروزگاري سبب علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال ٿيڻ ڪري مزدورن لڏ پلاڻ لاءِ شروع ڪري ڏني آھي.