وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ۾ لعلورائنڪ جي ڳوٺ عبدالصمد بروھي جي رھواسي مردن ۽ عورتن ٻارڙن سان گڏجي ھٿ ۾ قرآن پاڪ کڻي نٽھڻ اس ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. عبدالمجيد ڀٽي، حسنا، معشوق، احسان، افسانا ۽ رخسانا ڀٽي چيو ته اعجاز ڀٽي ۽ علي خان ڀٽي جي چرچ تي پوليس اسانجي پنج ماڻھن ذوالفقار ڀٽي، مراد ڀٽي، اڪبر يونس ۽ لياقت ڀٽي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي. اسان ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ڏانھُن قرآن شريف کڻي وياسين ته اسانجا ڪمائڻ وارا ھمراھ بنا جواز پوليس ۽ بااثرن جا ماڻھو کنڀي کڻي ويا آھن پر ھُن به اسانجي دانھن نه ٻڌي ھُنن چيو ته اسان سان تمام وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.