لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ريلوي انتظاميا جي نااهلي سبب بقاپور ٿاڻي جي حد ۾ قائم نوحاڻي ڦاٽڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان گيٽ نه هجڻ سبب ڏينهن توڙي رات جو کليل رهي ٿو، جتان ٽرين جي آمد رفت دوران ڪيترائي ماڻهو اچ وڃ ڪندي نظر اچن ٿا. ڦاٽڪ کي گيٽ نه لڳائڻ سبب حادثات معمول بڻيل آهن. ڪالهه نوحاڻي ڦاٽڪ وٽ تيز رفتار ٽرين جو گذرندڙ ڪار سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻهو معجزاڻي طور محفوظ رهيا، جڏهن ته ٽرين جي ٽڪر سبب ڪار حادثي جو شڪار ٿي وئي. اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا. واضح رهي ته ساڳي ئي ڦاٽڪ وٽ ڪجهه سال اڳ ٽرين جو ڪار سان ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته نوحاڻي ڦاٽڪ کي گيٽ لڳائي عام ماڻهن جون زندگيون بچايون وڃن.