لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاِڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 20 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، چرس، نشي آور گٽڪا سوپاريون، 4 موٽرسائيڪلون ۽ موبائل فون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، گرفتار جوابدارن ۾ سڌير ابڙو، اعجاز لهر، شاهد لهر، اسد ڪڙيو، هادي بخش عرف ڪراڙو انڙ ، مجاهد ڪنڀر، ديدار دايو، سجاد ڏيٿو، عزيز سانگي ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته حيدري پوليس ڪوثر مل واري علائقي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 10 جوارين کي گرفتار ڪري ورتو.