خانپور (ن پ ا) خانپور ويجھو ڳوٺ حاجي ڪبير ۾ چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب 4 ڳوٺاڻن ڪريم بخش پھوڙ، رسول بخش پھوڙ، امير بخش ۽ جمال الدين جا گهر سڙي رک ٿي ويا، اطلاع تي خانپور ٽائون ڪاميٽي جي فائر برگيڊ گاڏي پھچي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، متاثرن موجب باهه سبب گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.