ميرپور ٻرڙو (ن پ ا) ميرپور ٻرڙو لڳ ڳوٺ لال ڀٽي ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات پاران 15 ڏينهن واري سگھڙ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن سگهڙن پٺاڻ فقير مھر، علي گوهر مهر، پنھل پياسي ٻرڙو، الله بخش سامت، فيض محمد ڀٽي، سلمان ڀٽي، شفي محمد ڀٽي، عبدالحميد ڀٽي، محمد اسمائيل ڪيھر، غلام سرور ٻرڙو، نھال ٻرڙو، عمر سومرو، برڪت ڀٽي، محمد قائم مھر، مٺل ڀٽي ۽ ٻين کي ٻڌڻ لاءِ سوين ماڻھو آيا، ڪچهري ۾ سگهڙن لوڪ ادب جي لاتين جا واھڙ وهائي ڇڏيا ۽ ماڻھن کان خوب داد حاصل ڪيو، ڪچهري ۾ ۾ سينگار جي بيتن سميت پنهنجي نئين نڪور شاعري سان گڏ ڳجهارت، ڏور، ڏھس، ڏٺ پرولي، هنر، ٽڳڻو، گرچيلو، پهاڪو، ست سري، ٽيھه اکري سان سگهڙائپ کي سينگاريو ويو، سگهڙن علم کي عام ڪرڻ، قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ، مهانگائي کي گهٽائڻ ۽ امن ڪچهريون عام ڪرڻ بابت شعر پڙھي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، سلات جي مرڪزي صدر استاد سگھڙ گل حسن گل ملڪ چيو ته سگھڙائپ جي فن کي هٿي وٺرائي هر ڳوٺ، وستي ۽ واهڻ ۾ سگهڙ ڪچهريون عام ڪري محبت جي پرچار ڪئي وڃي ته کوڙ ساريون معاشري مان برايون پنهنجو پاڻ ختم ٿي سگهن ٿيون.