ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي پيدا ٿيل بحران تي هن مهل تائين ضابطو ناهي اچي سگھيو، شهرين پاران ٺٽو بچايو فورم جي پليٽ فارم هيٺ 52 هين ڏينهن به قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي گھر ڪئي آهي، شهرين ۽ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمشيد قريشي، دلاور شيخ، لالا غفار، ڊاڪٽر ولي جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 52 ڏينهن کان پاڻي کوٽ خلاف لاڳيتو احتجاج ڪري وسوارن کي التجائون ڪريون پيا پر هن مهل تائين کڙ تيل ناهي نڪتو، هنن چيو ته پاڻي جي فراهمي متاثر هجڻ ڪري شهري مافيائن جي ور چڙهي ڳري اگھن تي پاڻي خريدن تي مجبور بڻيل آهن، هنن چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو  ته ٺٽي شهر واسين کي ڪينجھر ڍنڍ مان نڪرندڙ ڪي ڊي واھ مان مستقل بنيادن تي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندن هلندڙ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.