لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ مقرر سارجنٽس ٽريفڪ نظام تي ضابطو نه آڻڻ تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوٽيس وٺندي چار زون جي سارجنٽ زون “ون انچارج نياز چانڊيو، زون ” ٽو عبدالوحيد ابڙو، زون” ٿري جي غلام سرور ۽ ڦور جي سلطان احمد گاد کي شهر ۾ ٽريفڪ تي ضابطو نه آڻڻ تي عدالت طلب ڪري ورتو، جتي عدالت جي جج سيد شرف الدين شاهه چئن سارجنٽ کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي شهر ۾ غير قانوني پارڪنگ ڪندڙ گاڏيون ۽ چوڪن جي ٻنهي پاسن کان روڊن تي رڪشائن ۽ چنگچين سميت روڊ تي انڪروچمينٽ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي هڪ هفتي ۾ ٽريفڪ نظام بهتر ڪري ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ اهو به چيو ته ٽريفڪ تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته مقرر سارجنٽس خلاف ايڪشن کنيو ويندو. جڏهن ته ٽريفڪ آفيسرن سيشن جج کي خاطري ڪرائي ته روزاني جي بنياد تي ڪاروائي ڪئي ويندي.