پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ناحق حراست ۾ ورتل ٻن ڀائرن مان هڪ ڄڻو بازياب. ڳوٺاڻي درمحمد شيخ پنھنجي وڪيل معرفت سول جج ڪنگريءَ جي عدالت ۾ ان حوالي سان درخواست درج ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته 30 سيپٽمبر تي رات جو ايس ايچ او پريالوءِ گهنور خان مھر وڏي نفري ساڻ ڪري گھر تي چڙھائي بعد منھنجي ٻن پٽن علي شير شيخ ۽ علي گوھر شيخ کي بي گناهه کنڀي کڻي ويو، جن جي آزادي لاءِ رشوت گھري رھيو ھو. اهڙي درخواست تي سول جج بلاول رفيق بروھي ڪالهه پريالوءِ ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو ھڻي لاڪ پ ۾ باحق باندي بڻايل علي شير شيخ کي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته ٻيو نوجوان علي گوھر گم ھو. ان تي سول جج ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ايس ايچ او پريالوءِ کي 6 آڪٽوبر تي (اڄ) رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.