ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نئين ضلعي ڪياماڙي جي قيام خلاف داخل درخواست اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪياماڙي ضلعي جي قيام خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي نه ٿي سگھي، پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت حسين جو وڪيل پيش نه ٿي سگھيو، جنهن ڪري ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي