لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي فيصل ڪالوني جي رهواسين محمد يوسف مگسي پنهنجي ڀائرن اعجاز، نياز، سئوٽ گلزار مگسي سان گڏ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي. وارثن جو چوڻ هو ته محمد يونس 16 جولاءِ تي پنهنجي دوستن مصعب  ٻرڙو، نويد ککراڻي، نصرالله سومرو، عبدالسميع پٺاڻ ۽ ٻين سان گڏجي رائيس ڪئنال جي هير واهه ريگيوليٽر ۾ وهنجڻ لاءِ ويو واپس نه موٽيو.هنن چيو ته 10 آگسٽ تي ماهوٽا ٿاڻي تي مصعب ٻرڙو، نويد ککراڻي، نصرالله سومرو ۽ عبدالسميع پٺاڻ مٿان پٽ کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪريو، پوليس نصرالله سومرو کي گرفتار ڪيو، نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.