مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي جي ملڪ محلي مان هڪ ئي رات چوري جون ٻه وارداتون، خبر موجب نامعلوم چور ياسين ملڪ جي گهر مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، ساڳي پاڙي مان سالار عرف لالڻ ملڪ جي گهر ۾ به چور روڪ رقم ۽ سامان کڻي ويا. ڀاڳين پيري جي مدد سان چورن جا پيرا کنيا جيڪي بچاءَ بند وٽ گم ٿي ويا.