باڊھ ( ن پ ا ) باڊھه کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف شھرين مظھر نوشاد، وسيم گوپانگ، مهتاب ساريو، حافظ محمود ساريو قاسمي احتجاج ڪندي چيو ته باڊھه کي هر دور ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي سنڌ جي ٽن وڏن وزيرن  اعلان باوجود به باڊھه شھر کي تعلقي جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي هنن چيو ته باڊھه تعلقو ٿيڻ سان شھر اندر ڪاروبار ۾ اضافو ٿيندو شھر جا ڪافي مسئلا حل ٿي ويندا پر افسوس حڪمران باڊھه واسين جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آھن هنن مطالبو ڪيو ته باڊھه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري باڊھه واسين جو مطالبو  پورو ڪيو وڃي.