سکر: ساڃاهه وندن پوليس مقابلن لاءِ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جي متعارف ڪرايل اصطلاحن کي ڏوهاري ذهنيت جي پيداوار قرار ڏئي ڇڏيو. سکر جي ساڃاهه وندن ۽ سول سوسائٽيءَ جي نمائندن ايڊوڪيٽ هادي بخش ڀٽ، عيدن جاگيراڻي، قربان  ڪلوڙ، ياسين جتوئي ۽ ٻني جو ان حوالي سان چوڻ هو ته قانون تحت الزام هيٺ آيل هر ماڻهوءَ کي عدالت ۾ دفاع جو حق حاصل آهي. جعلي پوليس مقابلن ۽ طاقت جي غيرقانوني استعمال سان ڏوهه ختم نٿا ٿي سگهن. ڪنهن ماڻهوءَ کي مارڻ جي مقصد سان نشانو بنائڻ کي هاف فراءِ، فل فراءِ چوڻ سان فلمي ۽ ڏوهاري ذهنيت جو اظهار ٿئي ٿو. ٻئي پاسي پوليس جو موقف آهي ته اهڙو اصطلاح متعارف ڪرائڻ سان ڏوهاري خوف ۾ وٺجي ڏوهن کان پري ٿي وڃن ٿا. ڏوهارين تي خوف طاري ڪرڻ ؟ضروري آهي. هنن جو چوڻ هو ته پوليس مقابلن جي واقعن بعد علائقن مان ڏوهارين يا ته شروعات ۾ ئي ڏوهي ڪارروايون گهٽ ڪري ڇڏيون يا وري اهي ٻين ضلعن ڏانهن کسڪي ويا.