لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي جي الهه آباد گولي مار گهٽي ۾ قائم قديمي مسيحي قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سينٽ جوزف چرچ جي فادر يعقوب مسيح، پرويز مائيڪل، نعيم خوشي مسيح احتجاج ڪندي چيو ته 3 مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو،  اسين پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي نيڪال ڪري رهيا آهيون، هيوي جنريٽر جي ضرورت آهي، تڏهن پاڻي نيڪال ٿيندو.