خيرپور (رپورٽر) فورٿ ايڊيشنل سيشن جج خيرپور جي عدالت تعلقي ٺري ميرواهه جي ڳوٺ جواڻ خان شر جي رهواسي رياض احمد شر طرفان داخل ڪرايل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ٺري ميرواهه ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو ته ٺري ميرواهه جي ڳوٺ صيفل شر جي رهواسي بااثر بخشل، شير محمد، ذوالفقار ۽ مجيب شر  وٽ مبينا باندي بڻايل مسمات ارشاد خاتون کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.